اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصف جي چيئرمين عمران خان نگران وزيراعظم ناصرالملڪ کان ملڪ ۾ بجلي جي قلت جي معاملي تي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ عمرن خان لکيو ته سخت گرمي سان گڏ ملڪ کي بجلي ۽ پاڻي جي وڌندڙ بحران آڏو آهن هن چيو ته مان خط جي ذريعي نگران وزيراعظم کي بجلي جي کوٽ ۽ 500 ارب جي گردشي قرضن جي اصل صورتحال آڏو آڻڻ ۽ قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي هن چيو ته عوام ڄاڻڻ چاهي ٿو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پاران لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي دعويٰ ۾ ڪا صداقت هئي يا هو ڪوڙ تي ٻڌل هئا عمران خان ٽوئٽ ۾ لکيو ته اهڙي طرح قوم اهو به ڄاڻڻ چاهي ته شهبازشريف جي هن بيان ۾ ته بجلي جي نه هجڻ جي ذميوار نگران حڪومت هوندي ان ۾ ڪيتري حد تائين صداقت آهي هن چيو ته توانائي جي شعبي جي بدحالي جي ذميوارن کي آڏو آڻڻ نگران حڪومت جو فرض آهي هن چيو ته (ن) ليگ جي گڊ گورننس جي دوائن بابت به قوم کي آگاهه ڪيو وڃي.