اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان توهين عدالت نوٽس تي پنهنجو جواب اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جڏهن ته معاملي جي ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ توهين عدالت نوٽيس تي عمران خان طرفان فواد چوڌري ان جو لکت ۾ جواب جمع ڪرايو. پنهنجي جواب ۾ عمران خان موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جو مرتڪب ٿيو نه ڪڏهن ائين سوچيو، ان اهم قومي اداري جو احترام ڪيون ٿا، صاف ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ آزاد ۽ خودمختيار اليڪشن ڪميشن تي يقين رکون ٿا، اليڪشن ڪميشن کي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ چونڊ سڌارا ڪميٽي ۾ به ڪيتريون ئي تجويزون ڏنيون. 9 جنوري تي وڪيل طرفان داخل ڪيل نظرثاني درخواست واپس ورتي هئي، درخواست گذار منهجي بيان کي حقيقت جي برعڪس پيش ڪيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر عمران خان جو جواب پڙهي ريمارڪس ڏنا ته اهو جواب پڙهي به سمجهه ۾ نٿو اچي ته نوٽيس ڪهڙي ڳالهه جو ڏنو ويو هو، اليڪشن ڪميشن توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.