ڪوئيٽا (م ڊ): پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چيو ويو ته 4 دهشتگرد ڪوئيٽا ۾ داخل ٿي ويا، وڏو خطرو آهي، ڪوئيٽا لٿاسين ته خبر ملي، اي اين پي، پ پ ۽ جي يو آءِ جا جلسا ڪينسل ٿي ويا، خان چيو جتي خطرو آهي، اتي عمران خان آهي، هن چيو ته سڀني کان وڌيڪ غربت بلوچستان ۾ آهي ۽ سڀني کان وڌيڪ غيرت به بلوچستان ۾ آهي، بلوچ زبان ۽ دل جو کرو هوندو آهي، بلوچ جهڪندو يا وڪامندو ناهي، شاهه محمود قريشي چيو ته ماڻهو سمجهن ٿا پاڪستان جو مستقبل ڪنهن جي هٿ ۾ محفوظ هوندو، ملڪ جو خزانو لٽيندڙن کي گهر موڪلڻو پوندو، عمران خان بلوچستان جي حقن تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندو، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان سمورين قومن جي حقن جي جنگ وڙهنداسين، ماڻهو سمجهن ٿا ته اڄ ملڪ جي واڳ غلط هٿن ۾ اچي وئي آهي.