ڊيووس(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان جي عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات مفيد رهي ۽ آمريڪي صدر هن کي جلد پاڪستان جي دوري جي خاطري ڪرائي آهي.وزير اعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هن وقت عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ سوئٽرز لينڊ جي شهر ڊيووس ۾ موجود آهي جتي ان فورم ۾ آمريڪي صدر سميت ٻيا عالمي اڳواڻ شريڪ ٿيا.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته فورم جي موقعي تي عمران خان ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي جيڪا هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي.ملاقات دوران موجود شاهه محمود قريشي چيو ته صدر ٽرمپ جي پوري ٽيم ملاقات ۾ موجود هئي جنهن ۾ سٺي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ وزير اعظم عمران خان ان دوران اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون.