اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي سازشي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مريم نواز الزام لڳائيندي چيو آهي ته عمران خان ڀاءُ کي ڀاءَ کان الڳ ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي نواز شريف ۽ شهباز کي الڳ جي ڪرڻ جي سازش ناڪام ٿيندي. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته سازشون ڪندڙن کي هر جاءِ تي سازشون ئي نظر اينديون آهن، هن جو چوڻ هو ته جنهن سان ووٽ ذريعي کٽي نٿا سگهن انهن کي عدالتن ۾ گهرائيندا آهن.