ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب، قادر پٽيل ۽ صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي ۾ گڏيل ڪانفرنس ڪئي. سنڌ حڪومت جي ترجمان جو چوڻ هو ته علي زيدي دعوائن جي ابتڙ اجايون ڳالهيون ڪري قوم جو وقت وڃايو. هن چيو ته علي زيدي کي چيئلنج ڪيو هو ته جي آئي ٽي جي دستاويزن ۾ سندس الزامن جو ڪوبه ذڪر ناهي. هن چيو ته علي زيدي موجب پهرين جي آئي ٽي رپورٽ ٺهي پر ان تي ڪنهن به صحيحون نه ڪيون. مرتضيٰ وهاب چيو ته علي زيدي کان سوال ٿو ڪيان ته هڪ وفاقي وزير صحيحن کان سواءِ سادي ڪاغذ کي لهرائي چيو هو ته هن وٽ پ پ قيادت خلاف ثبوت آهن. اهڙن ڪوڙن پنن جي ڪابه حيثيت ناهي هوندي، علي زيدي جو دماغي توازن ٺيڪ نه ٿو لڳي. هن چيو ته ملڪي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ وفاقي وزير اچي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته کنڊ جاچ ڪميشن جي رپورٽ ۾ لکيل آهي ته کنڊ اگهن ۾ واڌ ڪري عوام کي اربين روپين جو ٽڪو هنيو ويو. جڳ جهان کي خبر آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ ويٺل ماڻهو ڪنهن جا ويجها آهن. مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاق کي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاقي سرڪار تيل مافيا آڏو گوڏا کوڙيا. علي زيدي جيڪي به ڳالهيون ڪيون ان ۾ ڪابه صداقت ناهي.