سڳيون( رپورٽر) سڳيون ڀرسان گورنمينٽ هاءِ اسڪول سمي جي مئٽرڪ جي شاگردياڻي عليزا حطار کي هراسان ڪرڻ واري معاملي جي جاچ شروع ٿي وئي آهي، عليزا حطار واري معاملي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول سمي ۾ ڊي او سيڪنڊري فيض علي جسڪاڻي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر شفقت حسين هوتي، امداد حسين لاڙڪ پهچي عليزا حطار سميت ڌرين جا بيان رڪارڊ ڪيا، جيڪا انڪوائري ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهي. ان سلسلي ۾ انڪوائري بعد صحافين سان ڳالهائيندي شاگردياڻي عليزا حطار چيو ته انڪوائري ٿي آهي ۽ ان ۾ انصاف جي خاطري ڪرائي آهي پر تيستائين ان انڪوائري بابت ڪجهه اڳواٽ نه ٿي چئي سگهان جيسيتائين ڪو فيصلو سامھون اچي، مونکي چيو ويو آهي ته تعليمي سفر کي جاري رکو، توهان جي انڪوائري هلي پئي جيڪو حق هوندو ان کي نظر ۾ رکي انصاف ڪيو ويندو. ٻئي پاسي عليزا جي پيءُ ارشاد حطار چيو آهي ته پنهنجون نياڻيون هن اسڪول ۾ تيستائين نه پڙهائينداسين جيسيتائين نياڻين کي هراسان ڪندڙ استادن کي هٽايو نٿو وڃي. انڪوائري ڪندڙ آفيسر ڊي اي او سيڪنڊري فيض علي جسڪاڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄوڪي انڪوائريءَ ۾ پنج ڇهه آفيسر ويٺا هئا، رپورٽ ڊائريڪٽر وٽ پيش ڪئي ويندي. ٻئي پاسي انڪوائري دوران صحافين کي انڪوائري حال کان پري رکيو ويو، جڏهن ته الزام هيٺ آيل اسڪول جي هيڊ ماستر خان محمد سهتو کان صحافين پاران موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو لنوائي ويو.