علاج لاءِ ٻاهر وڃڻو پيو، جيڪڏهن مان چاهيان ها ته ڪڏهن به پنهنجو ملڪ نه ڇڏيان ها، ملاله يوسفزئي

اسلام آباد (اين اين آءِ) نوبل انعام ماڻيندڙ ملاله يوسفزئي چيو آهي ته مون کي علاج لاءِ ٻاهر وڃڻو پيو ۽ جيڪڏهن مان چاهيان ها ته ڪڏهن به پنهنجو ملڪ نه ڇڏيان ها وزيراعظم هائوس ۾ تقريب کي خطاب دوران ملاله يوسفزئي وطن واپسي جو ذڪر ڪندي روئي ويٺي هن چيو ته يقين نٿو اچي ته پنهنجي ملڪ ۾ آهيان جڏهن ڪٿي سفر ڪندي هيس ته تصور ڪندي هيس ته هي پاڪستان آهي ملاله يوسفزئي چيو ته اڃا 20 سالن جي آهيان زندگي ۾ گهڻو ڪجهه ڏٺو آهي هتان جي ڊاڪٽرن منهنجي سرجري ڪئي ۽ جان بچائي مون کي وڌيڪ علاج لاءِ ٻاهر وڃڻو پيو پوءِ اتي پنهنجي تعليم جاري رکي هن چيو ته هميشه کان خواب هو ته پاڪستان وڃان اتي بنا ڪنهن خوف جي گهٽين ۾ گهمان ۽ ماڻهن سان ملان پنهنجي پراڻي گهر وڃان جيئن پهريان هو سڀ تيئن ئي هجي هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل ان جا ماڻهو آهن اسان کي ٻارڙن جي تعليم ۾ وڌ ۾ وڌ سيڙپ ڪرڻ گهرجي ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي به تقريب کي خطاب ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته دنيا اوهان کي عزت ڏني ۽ پاڪستان به اوهان کي عزت ڏيندي هي اوهان جو گهر آهي جڏهن اچڻ پسند ڪيو اچو هاڻي اوهان عام شهري نه آيو اوهان جي سيڪيورٽي اسان تي لازم آهي وزيراعظم چيو ته جڏهن اوهان ويا ته پاڪستان ۾ دهشتگردي چوٽ تي هئي اسان ڪافي مشڪل جنگ وڙهي جنهن ۾ اوهان پاڻ شڪار ٿيا اسان جي فوج، سول آرمڊ فورسز جا جوان ۽ شهرين جي قربانين سان ملڪ ۾ هاڻي امن آهي اسان به دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون. منهنجي ڪوشش آهي دعا آهي ته الله اوهان کي ڪامياب ڪري وزيراعظم تقريب جي آخر ويلڪم هوم ملاله چيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *