عطاءَ الحق قاسمي 27 ڪروڙ واپس ڪري، ڊيم جي اڏاوت لاءِ رکنداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ عطاءَ الحق قاسمي کي پي ٽي وي جو ايم ڊي مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عطاءَ الحق قاسم رقم ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟ قاسم 27 ڪروڙ رپين جي رقم واپس ڪري ته ڪيس ختم ڪري ٿا ڇڏيون، 27 ڪروڙ رپين جي رقم ڊيم جي اڏاوت لاءِ رکي ڇڏينداسين، 80 ورهين جي شخص کي جيل موڪلي ڇا ڪرڻو آهي. چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ عدالتي بئنچ کي عطاءَ الحق قاسم جي وڪيل ٻڌايو ته آڊٽ رپورٽ تي اعتراض جمع ڪرايا ويا آهن، قاسم ٻن سالن ۾ 35ڏهائي 86 ملين جي پگهار حاصل حاصل ڪئي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا عطاءَ الحق قاسمي ايتري وڏي پگهار لاءِ اهل هو، مٿس 27 ڪروڙ رپيه خرچ ڪيا ويا. هن چيو ته لوٽا، بالٽي، چادر ۽ ٽوال به قاسم صاحب کي پي ٽي وي وٺي  ڏنا، عطاءَ الحق قاسم کي 15 لک رپين جي ميمبرشپ اسلام آباد ڪلب جي ميمبرشپ پي ٽي وي وٺي ڏني، هن وقت ڪرپشن خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون، ڇو نه غير قانوني مقرري جو ڪيس نيب کي موڪليون. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا عطاءَ الحق قاسم رقم ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟ قاسم 27 ڪروڙ واپس ڪري ته ڪيس ختم ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته اٽارني جنرل عدالت ۾ عطاءَ الحق قاسم جي مقرري  جو دفاع نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو منهنجي نظر ۾ عطاءَ الحق قاسمي جي مقرري جو طريقو درست نه هو. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۽ قوم جو پئسو آهي، صحت ۽ تعليم تي خرچ ٿيڻ گهرجي، عدالت جي نوٽيس وٺڻ تي پمز جا معاملا درست ٿي ويا، ممڪن آهي ته پرويز رشيد کان به  پئسا وصول ڪيون، اڳتي وڃڻو پيو ته وزيراعظم کان به رقم واپس وٺڻ جو چئي سگهون ٿا. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڱاري تائين ملتويڪندي پرويز رشيد کي نوٽيس جاري ڪندي عطاءَ الحق قاسم جي مقرري جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *