پشاور( م ڊ ) ڪي پي ۾ تحريڪ انصاف جي ايم اين اي عائشه گلالئي عمران خان کي ٻه نمبري پٺاڻ قرار ڏيندي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي عائشه گلالئي چيو ته تحريڪ انصاف ۾ عورتن جي ڪابه عزت ناهي. هن چيو ته اسان غيرتمند پختون آهيون پر پارٽيءَ ۾ اولهه جو ڪلچر مڙهيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته پارٽي چيئرمين سبب اسان جون مائرون ۽ ڀينرون محفوظ نه آهن. عائشه گلالئي چيو ته پارٽي ڪارڪن عرصي کان ڪرپشن ۽ ٻين معاملن تي اشوز تي احتجاج ڪندا رهيا آهن. هن چيو ته پارٽي چيئرمين جون حرڪتون ٺيڪ نه آهن، هي انگلينڊ نه پر پاڪستان آهي. سندس چوڻ هو ته پارٽيءَ ۾ اسان جون عزتون محفوظ نه آهن، مان اسيمبلي ميمبرشپ نه ڇڏينديس اها عاوم جي ملڪيت آهي. عائشه گلالئي چيو ته مان پارٽي ڇڏي رهي آهيان.