جيڪب آباد( ڊ ر ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته عدليه کي پاناما ڪيس وانگر بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ به دلچسپي وٺڻ گهرجي. جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر محمد زبير چيو ته مان تحريڪ انصاف جي دعوت ته ڪراچيءَ ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته مان سنڌ جو گورنر آهيان، سمورين سياسي پارٽين لاءِ منهنجا در کليل آهن. سندس چوڻ هو ته شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن جي عدم گرفتاري افسوس جوڳو عمل آهي. گورنر محمد زبير چيو ته مائنس ون جو فيصلو عوام طرفان ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته جتي الزام هنيا وڃن ته صفائي جو موقعو به ملڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته جيڪو ڪم صوبائي حڪومت جو آهي اهو وفاقي سرڪار ڪري رهي آهي. گورنر محمد زبير چيو ته وفاقي سرڪار جي پهرين ترجيح امن امان قائم ڪرڻ آهي. هن چيو ته 2013ع ۾ جڏهن وفاقي حڪومت آئي ته هر هنڌ ڌماڪا ٿيندا هئا هاڻي امن قائم ٿي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته ترقيءَ جو نظام بهتر ڪرڻ آهي ته عوام چونڊن ۾ درست فيصلو ڪري. گورنر محمد زبير چيو ته ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي.