اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته عدليا تي تنقيد پوري دنيا ۾ ٿيندي آهي، پر بي عزتي ناهي ڪئي ويندي .سپريم ڪورٽ ۾ جيو جي ملازمن کي پگهارو نه ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پر مير شڪيل جي الرحمان اڄ به عدالت ۾ پيش نه ٿيو . گذريل ڏينهن ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ به هو پيش نه ٿيو هو . عدالت چيو ته افسوس آهي ته مير شڪيل الرحمان عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو.جيو، جنگ جي ملازمن کي پگهارو ڇو ناهن ادا ڪيون ويون ؟ چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جي ٻاهران مير شڪيل الرحمان ججن لاءِ گندا لفظ استعمال ڪندو آهي.عدالت ايندو ته سندس ويڊيو هلائينداسين، هن ڪلچر جو درست ڪرڻو پوندو، خبر هجڻ گهرجي تي عدليا جو احترام ڇا آهي، عدليا تي مناسب تنقيد سڄي دنيا ۾ ڪئي ويندي آهي، گارگند ناهي ڏني ويندي. نجي چينل جي وڪيل چيو ته مير شڪيل ملڪ کان ٻاهر آهي ۽ سندس وٽ چينل جو ڪو به عهدو ناهي ، جڏهن ته مير ابراهيم عدالت ۾ موجود آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سڀ خبر آهي ته مير شڪيل الرحمان جنگ گروپ جو مالڪ آهي، کيس توهين عدالت جو نوٽس ڪنداسين، کيس ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، مير شڪيل بيمار آهي ته ايندڙ هفتي پيش ٿئي.چيف جسٽس چيو ته جيو جي ملازمن کي پگهارون ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ملازمن کي پگهارون نه ڏنيون ويون ته قانون موجب ڪاروائي ڪنداسين، جنوري کان پوءِ پگهارون ادا ناهن ڪيون ويون . عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.