اسلام آباد(بيورو) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالت ۾ تحريڪ انصاف حسن نواز ۽ مريم نواز جي ٽرسٽ ڊيڊ کي قبولي ورتو آهي، عمران خان هميشح عدالت جي ٻاهران عدالت لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. پاناما ليڪس جي ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاناما ڪيس جي سڄي ڪيس ڏسجي ته افسوس جي ڳالهه اها آهي ته عمران خان هميشه عدالت جي ٻاهران عدالت لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو هو عادي به آهي. هن چيو ته عمران خان ترقياتي پراجيڪٽ روڪڻ جي لاءِ اهڙي طرح جون ترڪيبون استعمال ڪندو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران چوي ٿو ته نواز شريف ربنون ڪٽڻ جي پهچي ويندو آهي، نواز شريف قوم جي خدمت ڪئي آهي ان ڪري هو ربنون ڪٽيندو آهي، اسان خوشي ٿئي ها جيڪڏهن عمران خان ڪي پي ڪي ۾ ترقياتي پراجيڪٽن جون ربنون ڪٽي ها ۽ هو ربنون ان ڪري ناهي ڪٽي سگهندو ڇو جو هن ڪو ڪم ڪيو ئي ناهي.