ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، سڌ سماءَ واري کاتي سنڌ کي حڪم ڏنو آهي ته ڪائونسل آف پاڪستان نيوزپيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) سان رابطي ۾ رهندي اخباري ادارن کي سڀ رهتون ترت ادا ڪري 30 آڪٽوبر تي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس فيصل آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سي پي اين اي پاران ميڊيا ادارن کي رهتون ترت ڏيڻ واري 30 مئي جي عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ خلاف داخل ڪرايل توهين عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران اهڙو حڪم ڏنو. ان موقعي تي سي پي اين اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ عدالت کي ڄاڻ ڏني ته سڌ سماءَ واري کاتي پاران اخبارن کي مڪمل رهتون اڃان تائين ادا ناهن ڪيون ويون ۽ هن وقت به تمام گهڻيون رهتون حڪومت کي ڏيڻيون آهن، جن ۾ اخبارن کي اشتهاري ايجنسين معرفت ۽ سڌو سنئون ڏنل اشتهارن جي رقم شامل آهي. جڏهن ته سڌ سماءَ کاتي جي اشتهارن واري شعبي جي ڊائريڪٽر ذوالفقار علي شاهه عدالت کي يقين ڏياريو ته باقي رهتون به ترت ادا ڪيون وينديون. عدالت وڌيڪ حڪم ڏنو ته سڌ سماءِ کاتي جا عملدار سي پي اين اي سان گڏجاڻيون ڪري مڪمل رهتون ترت ادا ڪرڻ سميت 30 آڪٽوبر واري ايندڙ ٻڌڻيءَ تي اهڙي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪن. ان موقعي تي ايڊيٽرن، صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن جو وڏو انگ پڻ عدالت ۾ موجود هيو.