اسلام آباد (بيورو): ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عدالت مان نااهل ٿي سگهون ٿا، اسان عوام جي عدالت ۾ وينداسين، اسان ڇا ٿا گهرون، اسان پاڪستان ۾ سويلين بالادستي چاهيون ٿا، اسان جوش سان نه هوش سان اڳتي وڌنداسين، هن چيو ته اسان ته پاڪستان کي نواز شريف جي قيادت ۾ شاهراهه ترقي تي آڻي چڪا هئاسين، اسان نظر جهڪائي نه نظر کڻي هلندا آهيون، هن چيو ته اسان چونڊجي ايوانن ۾ ايندا اهيون ۽ رسوا ڪري ڪڍيا ويندا آهيون، اهو شخص جيڪو جديد پاڪستان جو معمار آهي، ان کي عدالت مان نااهل قرار ڏياريو ويو، جڏهن ايٽمي ڌماڪو ڪيو ويو، تڏهن به سزا ملي هئي، ڌرڻي وارا مهرا آهن، عمران خان تون هڪ مهرو آهي، شو بواءِ آهين، سعد رفيق چيو ته نااهلي ڇا پاناما جي بنياد تي ٿي، عوام جي عدالت مان نااهل نٿو ڪرائي سگهجي، واپس موٽنداسين، هن ڀيري وڏو فيصلو ٿيندو، ڇا اهڙيون شقون ٻين لاءِ به موجود آهن، ان جو جائزو وٺڻو پوندو.