اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو چئلينج ڪنداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪ ڏنو آهي، اسان ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين، شهباز شريف جو رڪارڊ اهو آهي ته خاندان جو فرد ٻاهر ويو واپس نه آيو، مان ان تي به حيران آهيان ته ميان شريف جي ٺاهيل اتفاق اسپتال تي به اعتبار ناهي. هن چيو ته نواز شريف کي 6 هفتن جي ضمانت ڏني وئي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا، نواز شريف جو موقف هڪ ڀيرو ٻيهر بي نقاب ٿي ويو آهي، هو چوي ٿو مون کي ڪا بيماري ناهي پر جيل ۾ ذهني پريشاني آهي، ان تي چيف جسٽس جو سوال بلڪل درست هو ته جيڪڏهن اها پريشاني آهي ته جيل ۾ ٻين قيدين کي به هوندي، پوءِ انهن جو ڇا ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ پابندي لاڳو ڪئي آهي ته نواز شريف ملڪ کان ٻاهر نٿو وڃي سگهي، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم نواز شريف کي آڇ ڪئي هئي ته توهان جنهن اسپتال ۾ وڃڻ چاهيو، جنهن ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ چاهيو ته ڪرايو، اسان جي آڇ کان مختلف فيصلو نه ٿيو، جيڪڏهن نواز شريف مستقل وڃڻ چاهي ٿو ته ان جو حل به آهي، هو پاڪستاني عوام جا پئسا واپس ڪري ۽ پوءِ ڏسي ڇڏيون ٿا ته پلي بارگين جو سڄو قانون موجود آهي، نواز شريف کي صحيح قانوني مشاورت وٺڻ گهرجي، جيڪا اها آهي ته پاڪستاني عوام جا پئسا واپس ڪرڻا پوندا، اسان ڏسنداسين ته نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي ضرورت آهي يا نه. بلاول ڀٽو زرداري جي ٽرين مارچ بابت فواد چوڌري چيو ته هن 3 سئو ٽڪيٽون خريد ڪيون هيون ۽ خوشي جي ڳالهه آهي ته 3 سئو ماڻهو پورا به ٿي ويا، شيخ رشيد ٻڌايو ته بلاول ٽرين مارچ لاءِ 11 لک رپيا ادا ڪيا، پهريون ڀيرو ٽرين مارچ لاءِ کين پئسا ڏيڻا پيا، اهو به سٺو سنئوڻ آهي، پ پ چيئرمين جي سياسي سرگرمين ۾ هڪ سٺو پهلو اهو آهي ته هن پهريون ڀيرو ٽرين جون ٽڪيٽون خريد ڪيون. وفاقي وزير ٻڌايو ته اجلاس ۾ ڪابينا نئين سول ايوي ايشن پاليسي منظور ڪئي، جنهن جو مقصد هوا بازي بابت صنعتن جي بحالي آهي، وزيراعظم سياحت کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو، جنهن تحت نئين ويزا پاليسي جو اعلان ڪيو ويو ۽ هاڻ 5 ملڪن کي اي ويزا جي سهولت حاصل آهي، ايندڙ مهيني کان وڌيڪ 170 ملڪن جي شهرين کي اي ويزا جي سهولت ملي ويندي ۽ 58 ملڪن جا شهري ويزا آن ارائيول حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته گهرو وزارت پرڏيهي کي پاڪستان ۾ ڪٿي وڃڻ لاءِ اين او سي جو شرط ختم ڪرڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايوي ايشن پاليسي ۾ خاص قدم کنيا ويا آهن، جنهن لاءِ سمورن سياحتي هنڌن لاءِ شروع ڪيل ايئر سروس جا ٽيڪس ۽ چارجز ٻڙي ڪيا ويا آهن، اهي جهاز 40 سيٽن تي ٻڌل هوندا، گلگت بلتستان ۽ سوات لاءِ شروع ڪيل فضائي سروس تي سول ايوي ايشن ڪا چارجز نه وٺندي. سندس چوڻ هو ته مسافر بردار جهاز جي عمر 12 مان وڌائي 18 سال ۽ ڪارگو جهاز جي عمر وڌائي 30 سال ڪئي وئي، منعيٰ 18 سال پراڻو مسافر جهاز ۽ 30 سال پراڻو ڪارگو جهاز درآمد ڪري سگهبو. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ اوپن اسڪاءِ پاليسي ختم ڪئي پئي وڃي، ڇو ته اسان لاءِ منافعي بخش روٽ بين الاقوامي فلائٽس کي ڏنا ويا هئا، جنهن سان قومي ايئر لائن کي وڏو نقصان ٿيو، جاپان ويندڙ فلائٽس سان ساڍن 3 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿي رهيو هو پر پائلٽس کي ٽي اي ڊي اي ملڻ سبب ان کي جاري رکيو ويو، سمورين بين الاقوامي ايئر لائنز سان معاهدن جو نئين سر جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته پائلٽ بڻجڻ جي خواهشمند عورتن لاءِ اهم قدم کنيو ويو آهي، جنهن تحت سول ايوي ايشن پائلٽ ڪورس جي فيس خرچن مان 4 لک رپيا ادا ڪندي، سول ايوي ايشن فلائٽ ڪچنز ۾ پرڏيهي فلائٽس ۾ في کاڌي تي 1.39 ڊالر ۽ ملڪي اڏامن لاءِ 50 رپيا چارج ڪندي هئي، ان کي ٻڙي ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ ملڪي فضائي سفر مهانگو آهي، جنهن ۾ ٽيڪس گهٽائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وفاقي وزير موجب ٽي پي ٽي لائسنس جو مدو هڪ سال مان وڌائي 2 سال ۽ پائلٽ جي لائسنس جو مدو 5 سال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪابينا اجلاس ۾ هلندڙ سال نومبر ۾ ڪرتارپور کولڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.