عدالت بلاول ڀٽو، مرادعلي شاهه جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ميگا مني لانڊرنگ، جعلي بئنڪ اڪائونٽن واري ڪيس جي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران پ پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شآهه جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي جعلي بئنڪ اڪائونٽن وارو معاملو جاچ لاءِ نيب ڏانهن موڪلي ڇڏيو ۽ چيو آهي ته نيب ٻن مهينن اندر جي آءِ ٽي رپورٽ جي روشني ۾ نئين سر جاچ ڪري نيب بلاول ڀٽو زرداري ۽ مرادعلي شاهه کان آزاداڻي جاچ ڪري سگهي ٿو جاچ کان پوءِ جيڪڏهن ريفرنس ٺهي ٿو ته ان کي داخل ڪيو وڃي سومر تي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس اعجازالحسن ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل سپريم ڪورٽ بئنچ مني لانڊرنگ ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽن واري ٻڌني ڪئي ٻڌڻي جي شرواعتي تي اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ته وفاقي ڪابينه اي سي ايل ۾ وڌل نالن جو معاملو جائزي واري ڪميٽي ڏانهن موڪلي چڏيو آهي ۽ 10 جنوري تي هن معاملي تي وڌيڪ اڳڀرائي جو حڪم آهي ان موقعي تي اومني گروپ جي وڪيل چيو ته معاملو ڪميٽي ڏانهن موڪلي اينگهايو ويو آهي خبر ناهي ته ڪميٽي ڪڏهن قدم کڻي جنهن تي چيف جسٽس اومني گروپ جي وڪيل جي ڳالهه تي ڪاوڙ ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اوهان کي مسئلو آهي ته ڪابينه کي ڇڏي ڏجي مان اي سي ايل ۾ نالا وجهي ڇڏيا ٿو چيف جسٽس اومني گروپ جي وڪيل کي چيو ته اوهان اصل ڪيس ڏانهن نه پيا اچو چيف جسٽس چيو ته اومني گروپ جي خلاف ايترو مواد اچي چڪو آهي جو ڪوبه اکيو بند نٿو ڪري سگهي مٿان وري کنڊ جون ٻوريون به کنيو ويون اهو ٻڌايو ته معاملو هاڻي ڪهڙي ڪورٽ ڏانهن موڪلجي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جي آءِ ٽي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته پهريان اهو ٻڌايو ته بلاول زرداري کي ڇو ملوث ڪيو ويو اهو معصوم ٻار آهي جيڪو رڳو پنهنجي ماءُ جي مشن کي اڳيان وڌائي رهيو آهي اوهان ان جو نالو به اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيو چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا جي آءِ ٽي بلاول زرداري کي بدنام ڪرڻ لاءِ کيس معاملي ۾ شامل ڪيو آهي يا ڪنهن جي چوڻ تي بلاول زرداري کي شامل ڪيو ويو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته بلاول ڀٽو زرداري جو ڪيريئر اڃا تائينص اف شفاف آهي ان جي پيءُ ۽ پڦي جو ته هن معاملي ڪو ڪردار هوندو پر بلاول جو ڇا ڪردار آهي جي آءِ ٽي بلاول ڀٽو زرداري بابت مطمئن ڪري جنهن تي جي آءِ ٽي جي وڪيل فيصل صديقي سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته جي آءِ ٽِ رپورٽ جي پيج 57 تي پارڪ لينڊ جي هڪ پراپرٽي جو ذڪر آهي جيڪا جعلي اڪائونٽس مان خريد ڪئي ويئي ۽ ان پراپرٽي ۾ بلاول ڀٽو جا 25 سيڪڙو شيئر آهن جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن شيئر آهن ته ڪيئن ثابت ٿيو ته بلاول ڪو جرم ڪيو آهي، پراپرٽي کي منجمند ڪري ڇڏيون ٿا پر ان بنياد تي بلاول جو نالو اي سي ايل ۾ نٿو وجهي سگهجي ٻڌني دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت ۾ چيو ته مرادعلي شاهه کي تفتيش ۾ شامل ڪرڻ کان سواءِ ان جو نالو ايس ايل ۾ وڌو ويو جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مرادعلي شاهه جي عزت نفس مجروح ڪئي پئي وڃي پهريان ڏسو ها ته هو هڪ صوبي جو وڏو وزير آهي ڪهڙي ملڪ ۾ ايئن ٿيندو آهي ته ٻئي وڏي صوبي جي وڏي وزير جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وي ان سان گڏ ئي چيف جسٽس بلاول ڀتو زرداري ۽ مرادعلي شاهه جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته صرف سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري ۽ مرادعلي شآهه جا نالا شامل ڪيا ويا ٻڌني دوران چيف جسٽس اومني گروپ جي وڪيل منير ڀٽي کي چيو ته جعلي اڪائونٽن جو تعلق اومني ۽ سياستدانن سان آهي پر اوهان نه سمجهو ته اوهان کي ڏوهي قرار ڏينداسين اڃا ڪيس انڪوائري جي مرحلن ۾ آهي اوهان وڃي ان جو دفاع ڪري سگهو ٿا چيف جسٽس چيو ته اوهان عدالت کي تسلي ڪرايو ته اوهان جو مئوڪل ڪيئن جلد ارب پتي بڻجي ويو ۽ پئسا وڻن تي لڳڻ شروع ٿي ويا اسان نٿا چئون ته لانچن جي ذريعي آيا ان موقعي تي جسٽس اعجازالحسن اومني گروپ جي وڪيل منير ڀٽي کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو مئوڪل جون ڪيتريون ملون آهن جنهن تي وڪيل جواب ڏبنو ته منهنجي مئوڪل جون 8 ملون آهن هن چيو ته سبسڊي جي معاملي تي ڪوئي غيرقانوني ڪم ناهي ڪيو ويو جنهن تي جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏنا ته ڀٽي صاحب سنڌ حڪومت کنڊ تي ٻه رپيا وڌيڪ سبسڊي ڏيئي رهي آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پئسي ورهائڻ تي اومني گروپ سگرملون ورتيون آهن ان لاءِ ان جو ڇا ڪريون جنهن تي اومني گروپ جي وڪيل چيو ته اومني پاران ڏنل انگ رڪارڊ تي نه آهن چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان کي ته معاملو ٽرائيل عدالت موڪلڻ تي اسرار ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن اسان هن رپورٽ کي قبول ڪيون ته اوهان وٽ باقي ڪو رستو نه بچندو جنهن وڪيل منير ڀٽي جواب ڏنو ته هن رپورٽ ۾ فاروق ايڇ نائڪ تي به الزام آهن جنهن تي چيف جسٽس چيو ته فاروق ايڇ نائڪ اسان جو به ته آهي اوهان ان جي ڳڻتي نه ڪريو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مطمئن ٿيڻو آهي ته اومني گروپ جو سياستدانن سان ڳٺجوڙ آهي يا نه جنهن تي وڪيل منير ڀٽي چيو ته عدالت کي ڏنل تاثر درست نه آهي عدالت اجازت ڏي ته اصل تصوير پيش ڪري سگهان هن چيو ته اومني گروپ شگر ملون قانون ۽ طريقيڪار مطابق خريد ڪيون اهو غلط آهي ته اومني جو سنڌ حڪومت يا ڪنهن سان ڳٺجوڙ آهي جنهن تي جسٽس فيصل عرب ريمارڪس ڏنا ته جڏهن ريفرنس داخل ٿيندو ته دفاع ڪجو. ٻئي پاسي عدالت پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مرادعلي شاهه ۽ پ پ پ اڳواڻ فاروق ايڇ نائڪ سميت سندس ڪٽنب جي ماڻهن جا نالا به اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو آهي سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽن واري ڪيس جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *