عدالتي فيصلي کانپوءِ وزيراعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪنداسين: آصف زرداري
July 4, 2017 at 7:09 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ماڻهن کي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي ميرٽ تي اعتراض آهي. ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڇوڪرن کي داخلائون نٿيون ملن. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن چيو ته 100 سيڪڙو ڪنهن کي مطمئن نٿو ڪري سگهجي. هڪ سوال تي هن چيو ته هي جي آءِ ٽي آهي. اهو احتساب ناهي. اڃا ته جاچ ٿي رهي آهي. جڏهن احتساب ٿيندو ته نظر ايندو. 5 جج ان رپورٽ کي ٻيهر ڏسندا. ان کانپوءِ توهان ان کي احتساب چوندا. منهنجي نظر ۾ ساڳيا 5 جج بئنچ ۾ ويهندا. هن چيو ته مجيد اچڪزئي ذهني مريض لڳي ٿو. هن جو طبي معائنو ٿيڻ گهرجي. انسان کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي ماريو ويو آهي. ميان صاحب ڏسون ته ڪهڙا ڪارڊ کيڏي ٿو. اسان جي وزيراعظم کي غير قانوني طور هٽايو ويو. مون کي قانوني طور استثنيٰ مليل هئي. هن چيو ته اسان مطالبو ڪنداسين ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي. اهو مطالبو عدالتي فيصلي کانپوءِ ڪنداسين. ان کان اڳ اسان مخالفت براءِ مخالف نه ڪنداسين. شيخ رشيد چاهي ٿو ته سسٽم وڃي، مان نٿو چاهيان ته سسٽم وڃي. هن چيو ته اسان سسٽم جي نالي تي حڪومت بچائڻ جو گناهه ڪيو آهي. هر ڏيڍ سال کانپوءِ پارليامينٽ ويندي ته ڇا ٿيندو. آخري سال ۾ نئون وزيراعظم اچي ته ڪو فرق نه ٿو پوي. هن چيو ته سي پيڪ نواز سرڪار نه اسان ڪيو. سڀ منصوبا اسان جا هئا. اورينج ٽرين منصوبو منهنجو نه هو. نه ئي آئون اهڙو منصوبو ٺاهي سگهان ٿو. 0229