ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته اسان قبضي ۽ لينڊ مافيا خلاف آهيون ۽ ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو به احترام ڪيون ٿا پر شهرين کي بي گهر ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران حددخلين خلاف آپريشن جي مخالفت ۾ احتجاج دوران ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا پر عدالت عظميٰ متاثرن کي انهن جي گهرن ۽ زمينن جو معاوضو ڏياري، اسان جو احتجاج سنڌ حڪومت جي بي حسي خلاف آهي، سرڪاري آفيسرن جي ملي ڀڳت سان زمينن جي قبضو ٿيندو آهي، صوبائي حڪومت پنهنجن کي نوازي رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي جي ماڻهن کي بي گهر ۽ بي روزگار ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، ڪري ڪير ۽ ڀري ڪير، اها ناانصافي نه ٿيڻ ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته اسان زيادتين خلاف سدائين پرامن احتجاج ڪندا آهيون، ڪراچي وارن کي خاطري ٿا ڪرايون ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سياسي ۽ قانوني طور انهن سان گڏ آهي، ڪراچي جي زمينن تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين.