عدالتي رپورٽ موجب سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ماڻهو گٽر جو پاڻي پي رهيا آهن: اياز لطيف پليجو

بدين (ڊ ر): قومي عوامي تحريڪ سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته سنڌ کي ظالم وڏيرن، ڀتا خورن، ڪرپٽ وزيرن کان نجات ڏيارڻ جو وقت اچي ويو آهي، ريلي ۽ جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته ڪرپٽ لٽيرن جو 2018 جي چونڊن لاءِ ٻيهر ڳٺ جوڙ ٿي چڪو  آهي، سنڌ کي ڊرامي بازن جي چنبي مان نڪرڻو پوندو ۽ غلامي جو طوق ڳلي مان لاهي ڦٽو ڪرڻو پوندو، هن چيو ته ذوالفقار آباد، ٿر ۾ ٻارن جو موت، وسيلن جي ڦرلٽ پيپلز پارٽي جون بنيادي ايجنڊائون آهن، هن چيو ته عدالتي رپورٽ موجب سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ماڻهو گٽر جو پاڻي پي رهيا آهن، جيڪا حڪومت صاف پاڻي نٿي ڏئي سگهي، اها خوراڪ، روزگار، تعليم گهر ڪيئن ڏيندي، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ سنڌ جا وڏا شهر ڪچري جا ڍير بڻايا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *