عدالتن کي ڪالاباغ ڊيم ۽ نون صوبن بابت ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ئي ڪونهي: قادر مگسي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته عدالتن کي اهو اختيار ئي ناهي ته هو ڪالاباغ ڊيم ۽ نون صوبن جي حوالي سان ايندڙ درخواستن جي ٻڌڻي ڪن يا وري ان جي حوالي سان پنهنجي ڪا راءِ ڏين، هي مسئلا قومن ۽ انهن جي تاريخي وطنن سان جڙيل آهن، ان ڪري عدالتون اهڙين درخواستن تي ٻڌڻيون ڪرڻ بدران واپس ڪري ڇڏين، نگران سيٽ اپ ۾ ڪالاباغ ڊيم جهڙي اشو کي اٿارڻ سنڌ خلاف سازش آهي، اسان کي ان ڳالهه جو شڪ هو ته نگران سيٽ اپ ۾ سنڌ خلاف ضرور ڪا سازش رٿي ويندي ۽ اهو ئي ٿي رهيو آهي، سنڌ سميت چارئي صوبا رڳو صوبا ناهن پر اهي فيڊريشن جا يونٽ آهن، اسٽيبلشمينٽ کي اهو سوچڻو پوندو ته ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهه ڪرڻ پاڪستان جي وجود سان به هٿ چراند آهي، اهڙن هٿرادو مسئلن کي اٿاري ملڪ جون حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ترقي پسند هائوس تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان ڪو به اهڙو فيصلو ڪيو ويو جيڪو سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي خلاف هوندو ته ملڪ جون حالتون انتهائي خراب ٿي وينديون، صوبا پاڻ ۾ وڙهي پوندا، هي مسئلو 6 ڪروڙ سنڌين، 4 ڪروڙ پشتونن، 2 ڪروڙ بلوچن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، ڪالاباغ ڊيم کي 3 اسيمبليون رد ڪري چڪيون آهن، سي سي آءِ پڻ اهڙي منصوبي کي رد ڪري چڪي آهي، ڪهڙي ضرورت پئي جو ڪالاباغ ڊيم جي آيل ڪنهن جي درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ان تي شنوائي ڪئي وئي. هن نون صوبن واري شوشي تي ڳالهائيندي چيو ته نون صوبن جي حوالي سان آئين ۾ هڪ واضح طريقيڪار موجود آهي، پر سنڌ هڪ تاريخي وطن رهيو آهي، فيڊريشن جي يونٽن سان هٿ چراند بند ڪئي وڃي، نئين صوبي جي ڳالهه ڪندڙ عالمي سازش جو حصو آهن، اهڙيون ڳالهيون ملڪ جي خلاف سازش آهن،اسان سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ۽ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، اسان سنڌ تي سنڌين جو اختيار ۽ وارثي چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان هن وقت سنڌ جي موجوده نگران وزيراعليٰ کي عبوري مرحلي جي ڪري برداشت ڪيو آهي، نه ته هي شخص نگران وزيراعليٰ جي ڪرسي تي ويهڻ جي لائق ناهي، هي اهو شخص آهي جيڪو سرڪاري گهر خالي ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، زبردستي ان کان گهر خالي ڪرايو ويو، انور مجيد ۽ آصف علي زرداري کيس ڪرسي تي ويهاريو آهي، پيپلزپارٽي غدار ابن غدار پارٽي آهي، جنهن سنڌ تي سنڌين جي حق حڪمراني وارو حق کسيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *