ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ چيف سيڪريٽري کي خط لکي پوليس ۾ بدلين ۽ مقررين تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. آءِ جي ڪليم امام چيو آهي ته عدالتن جي فيصلن تحت کيس بدلين ۽ مقررين جو اختيار آهي، پوليس جو سربراهه هجڻ باوجود ميڊيا ذريعي بدلين ۽ مقررين جي خبر پوي ٿي. آءِ جي سنڌ ڪليم امام طرفان چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ آءِ جي پوليس آفيسرز جي بدلين ۽ مقررين تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. خط ۾ سندس چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي خادم حسين رند ۽ ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان جي صوبي بدري تي خط لکيو آهي، خادم حسين رند سنڌ پوليس جا اهم مامرا ڏسي رهيو هو، جڏهن ته ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان احمد شڪارپور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو. چيف سيڪريٽري ڏانهن لکيل خط ۾ آءِ جي سنڌ چيو آهي ته آفيسرز جي اوچتين بدلين ۽ مقررين سان پوليس کاتي ۾ غيرقانوني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، اهڙن فيصلن پوليس جو مورال ۽ آءِ جيءَ جي ڪمانڊ کي ڪمزور ڪيو آهي. خط ۾ آءِ جي سنڌ چيو آهي ته هو سنڌ ۾ پوليس جو سربراهه آهي، تنهن هوندي به آفيسرز جي بدلين ۽ مقررين جي حوالي سان فيصلن بابت ميڊيا ذريعي خبر پئجي رهي آهي، بدقسمتيءَ سان اهو تڏهن ٿيو آهي، جڏهن آفيسرز پنهجنو ڪم سنجيدگي ۽ ديانتداري سان ڪري رهيا هئا. آءِ جي سنڌ پنهنجي خط ۾ چيف سيڪريٽري ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جو به حوالو ڏنو. سندس چوڻ هو ته پوليس ۾ آفيسرز جي تڪڙين بدلين واري روايت ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، عدالتي حڪم موجب آءِ جي انفرادي طور بدليون ۽ مقرر ڪرڻ جو مجاز آهي. اُن کانسواءِ پوليس ايڪٽ 2019ع تحت به آءِ جي سنڌ کي مقررين ۽ بدلين جو اختيار مليل آهي. خط ۾ آءِ جي سنڌ لکيو آهي ته هو اعليٰ عدالتن جي فيصلن جي روح پٽاندڙ گذارش ڪري ٿو ته پوليس کاتي کي بدلين ۽ مقررين جي حوالي سان پنهنجو ڪردار بهتر نموني نڀائڻ ڏنو وڃي.