عدالتن جي تاريخن جي ڪري اسان کي به فقط تاريخون ڏيڻيون پون ٿيون: چيف اليڪشن ڪمشنر

November 15, 2017 at 5:31 pm

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار محمد رضا پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان خلاف چونڊ ضابطي اخلاق جي خلاف ورزي جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته چونڊ ضابطا اخلاق سياسي جماعتن جي مشاورت سان بڻجي ٿو، عدالتن جي تاريخن سبب اسان کي به تاريخون ڏيڻيون پون ٿيون، اربع تي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي سربراهي ۾ بينچ عمران خان خلاف جهلم ۽ ساهيوال ۾ چونڊ مهم ۾ حصو وٺي چونڊ ضابط اخلاق جي خلاف ورزي جي حوالي سان درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، اليڪشن ڪميشن ۾ ان جو وڪيل شاهد گوندل پيش ٿيو جنهن اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته ضابطا اخلاق جي حوالي سان ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي جنهن ان جي تاريخ 29 نومبر مقرر ڪئي آهي، چيف اليڪشن ڪميشنر سردار رضا ريمارڪس ڏيندي چيو ته چونڊ ضابطا اخلاق سياسي جماعتن جي مشاورت سان بڻجي ٿو، عدالتن جي تاريخن سبب اسان فقط تاريخون ڏيڻيون پون ٿيون، هن سوال ڪيو ته ان ضابطا اخلاق کي ختم ڪيو وڃي، هن پي ٽي آءِ جي وڪيل کي چيو ته هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو اهڪ حڪم نامو ڏيکاري جنهن ۾ هن وڌيڪ ڪارروائي کان روڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي روڪڻ لاءِ ڪو اسٽي آرڊر ناهي مليو، بعد ۾ هن ڪيس جي ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اي پيپر