جيڪب آباد (ڊر) مرحوم سينيئرصحافي عبدالرزاق کرل جي پهرين ورسي ٽائون حال جيڪب آباد ۾ ملهائي وئي جنهن ۾سياسي سماجي ۽ صحافي برادري وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،صحافي،۽ مختلف ٻين شعبن سان تعلق رڪندڙ ۽ شهر جي ماروئڙن جي لاءِ پتوڙيندڙ ۽ سٺي ڪارڪردگي تي سندس ايوارڊ به ڏنا ويا، خبر موجب ، جيڪب آباد سينيئرصحافي مرحوم عبدالرزاق کرل جي ننڍي ڀاءُ صحافي، زاهد حسين کرل جي ڪوششن سان پهرين ورسي ٽائون هال جيڪب آباد ۾ ملهائي وئي،ورسي ۾سياسي، سماجي، ۽ صحافي، برادري وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ۽ ان موقعي تي شهر جي سياسي سماجي ،صحافي برادري جنهن سندس شهر جي غريب ماروئڙن جي لاءِپتوڙڻ ۽ سٺي ڪارڪردگي رکڻ تي ، ايوارڊ به پڻ ڏنا ويا، ورسي ۾ پي ٽي آءِ جي،مير راجه خان جکراڻي،مير شجاع الله پنهنور، پي پي شهيد ڀٽو صدر،نديم قريشي،مزدور شهري اتحاد،حاجي غلام نبي رند،پي پي پي ليڊيزونگ، قمر بانو، سينيئر صحافي محمد نواز سولنگي، صحافي اظهر گل سرڪي ، چئرمين جناح پريس ڪلب عبدالحئي سومرو،صحافي سجاد ڀٽي،وسيم بالم بروهي،صحافي دلمراد لاشاري، صحافي زاهد حسين رند، صحافي سڪندر بختيار کوسو،جناح پريس جوصدر زبير احمد ابڙو،جنرل سيڪيٽري جناح پريس ڪلب محمد رمضان ابڙو،نائب صدر جناح پريس ڪلب محمد اڪبر سومرو،نويد احمد ابڙو،صحافي موتي رام سچديو، شرڪت ڪئي ،ان موقعي تي مٿين سياسي ۽ صحافي برادري مرحوم صحافي عبدالرزاق کرل جي بي باڪ سٺي ساک ۽ صحافت ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته عبدالرزاق هڪ سٺو صحافي هو، جنهن پنهنجي دور حالات ۾ جان تري تي رکي پنهنجي صحافت کي اجاگر ڪيو ۽ شهر جي غريب ماروئڙن جو آواز عيوانن تائين پهچايو، صحافت هڪ عظيم پيشو آهي ،انکي سمجهيو وڃي،۽ صحافي کي هڪ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن مخالفت ۾ رهندا ته هڪ هڪ ٿي ماريا ويندا، انجو فائدو سياستدان، به کڻندا، ۽ هتان جو ڪامورو به کڻندو، صحافي جي جهڙي ۾غريب عوام جو به نقصان ٿي ٿو ۽ صحافي جو به اچو ته سڀ صحافي هڪ ٿي پنهنجي صحافت جو مان مٿاهون ڪيون ،صحافي عبدالحئي سومرو، صحافي نواز سولنگي،