مردان(م ڊ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته عام چونڊن پڻ سينيٽ جيان ٿيون ته فضول ايڪسرسائز ٿيندي.مردان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق ميمڻ چيو ته صاف سٿري پاڪستان جي لاءِ ليڊر جو صاف ۽ پاڪ هجڻ ضروري آهي، جيڪڏهن پارٽيون ڪرپٽ ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون ته نظام ڪئين درست ٿيندو. امير جماعت اسلامي چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ کپائڻ تي هڪ پارٽي ليڊر جي طرفان ميمبرن کي شوڪاز نوٽس جاري ڪيا ويا آهن ان ڪاورائي کان پوءِ اليڪشن ڪميشن سينيٽرن کان حلفي بيان وٺي.سراج الحق ميمڻ وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار مايوس عوام جي زخمن تي مرهم رکي رهيو آهي، سندس دورن ۽ عوامي مسئلن ۾ دلچسپي وٺڻ ته ٿورائتا آهيون .