مٺي ( رپورٽر ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته عام چونڊن ۾ پوليس مڪمل طور تي اڻ ڌري رهندي، امن امان قائم ڪرڻ تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. مٺي ۾ پوليس ڊسپينسري ۽ 15 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته مٺي ۾ پوليس طرفان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي ويندي جنهن ۾ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ٻين ضلعن جون ٽيمون حصو وٺنديون. هن چيو ته گذريل سال دوران پوليس جي ڪارڪردگي ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن ۽ عام چونڊن ۾ پوليس مڪمل طور اڻ ڌري رهندي ۽ امن امان قائم ڪرڻ تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي.