عام چونڊن ۾ دير قوم برداشت نه ٿي ڪري سگهي: شهباز شريف

لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته چونڊن ۾ دير سان ڏکيائيون پيدا ٿينديون،  قوم چونڊن ۾ دير برداشت نه ٿي ڪري سگهي. ڪامونڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته خان صاحب رمضان شريف ۾ به يوٽرن کان نه مڙي رهيو آهي، سندس مستقل رويو اهو آهي ته فيصلو پهريون ڪندو آهي ۽ سوچيندو وري پوءِ آهي.  هن چيو ته اسان جيڪو واعدو پنج سال اڳ ڪيو تنهن کي اڄ پورو ڪيو آهي، سموري رمضان المبارڪ ۾ لوڊشيڊنگ نه هئڻ برابر آهي، پهريون 20، 20 ڪلاڪ لوڊشينڊنگ ٿيندي هئي اڄ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ آهي. سندس چوڻ هو ته اسپتالن ۾ اهي دوائون آهن جيڪي کائي بيمار وزيراعظم ۽ خادم اعليٰ ٺيڪ ٿي سگهن ٿا، اسپتالن ۾ دوائون مفت ملي رهيون آهن، پنجاب جي اسپتالن ۾ انقلابي تبديلي آهي. شهباز شريف چيو ته  اسان جي حڪومت 6 ارب رپيه پنجاب ۾ دوائن لاءِ فراهم ڪيا جيڪڏهن ٻيهر موقعو مليو ته پهرين ئي سال سمورين اسپتالن ۾ ڪم مڪمل ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته ڊسٽرڪٽ اسپتالن ۾ به اپ گريڊشن ڪئي ويندي، منهنجي مريضن سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سڀني جو چوڻ آهي ته هتي انتظام اڳ کان بهتر آهن، تعلقي اسپتال ۾ سموريون سهولتون موجود آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *