ڏوڪري(رپورٽر) عالمي ڪانفرنس جي پڄاڻي تي اختتامي ريمارڪس ڏيندي رچرڊ ميڊو چيو ته هي عالمي ڪانفرنس نه صرف پاڪستان بلڪ دنيا جي آثارقديمه جي ماهرن لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي ۽ هن ڪانفرنس ۾ پاڪستان کان علاوه، آمريڪا، جپان، جرمني، ڀارت، اسپين ، فرانس، اٽلي ۽ ٻين ملڪن مان آيل ماهرن جيڪا جامع تحقيق پيش ڪئي آهي اها ايندڙ وقت ۾ موهن جو دڙوکي محفوظ ڪرڻ لاءِ جٽادار ثابت ٿيندو.هن پنهنجون تجويزون پيش ڪندي چيو ته موهن دڙو کي سم ۽ ڪلر کان بچائڻ لاءِ فوري طور ڪم ڪيو وڃي ۽ يونيسڪو سيو دي موهن جو دڙو مهم کي فوري طور شروع ڪري، موهن جو دڙو سميت پاڪستان جي سمورن قديمي آثارن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اپاءَ اختيار ڪيا وڃن ۽ آرڪيالاجي جي حوالي سان ملڪ جي تمام صوبن ۾ رابطي واري فزا قائم ڪئي وڃي ۽ ملڪ جا تحقيقي ماهرن هڪٻئي سان ڪيل تحقيق بابت خيالن جي مٽآ سٽا ڪري سگهن.* هن سنڌ جي ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ان موقعي تي ڪانفرنس دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ عملدارن توڙي عملي ۾ حوصلا افزائي واريون سندون ورهايون ويون ان موقعي تي پرڏيهي ماهرن کان علاوه پ پ ايم پي اي خورشِيد جوڻيجو، سيڪريٽري ڪلچر غلام اڪبر لغاري ، ڪمشنر لاڙڪاڻو ، عباس بلوچ ، پ پ اڳواڻ طارق انور سيال، ڊِي جي نوادرات منظور قناصرو، ڊي جي ڪلچر خالد چاچڙ ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار ۽ عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي