عالمي وبا ڪرونا سان وڙهڻ ۽ پنڻ وارن ۾ فرق ڪرڻ سکو:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ حڪومت جي ترجمان، قانون، ماحوليات، سامونڊي ترقي واري صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پي ٽي آئي اڳواڻ شهباز گل جي بيان تي پنهنجو رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته عالمي وبا ڪرونا سان وڙهڻ ۽ پنڻ وارن ۾ فرق ڪرڻ سکو شهباز گل صاحب توهان جي حڪومت ڪرونا جهڙي وبا ۾ ڪشڪول کڻي گهمي رهي آهي پي ٽي آئي جي نا اهلن کان علاوه دنيا سنڌ حڪومت جي معترف آهي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻوڪيون حالتون سياست جون ناهن گڏيل اتحاد جون آهن شهباز گل توهان جي تربيت ۾ ٻين کي گاريون ڏيڻ آهي توهان حقيقتن کان منهن نٿا موڙي سگهو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ ڪرونا کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀ کان پهريون ميدان ۾ آيو گهٽ عمر سياستدان ٿيڻ باوجود بلاول ڀٽو وڏي پن جو ثبوت ڏنو بلاول ڀٽو جي تربيت ان عورت وزيراعظم ڪئي جيڪا دنيا لاءِ اڄ به مثال آهي ۽ جناب جنهن وقت سنڌ حڪومت ڪرونا خلاف انتظام ڪيا توهان ان وقت به طنز ڪرڻ ۾ مصروف هئا خدا نه ڪري توها جي حڪومت جي نا اهلي جي سزا عوام کي ڀوڳڻي پئي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته روئڻ ۽ ڪشڪول کڻي گهمڻ سان نه بلڪي عملي ڪم ڪرڻ سان ڪرونا مان جان ڇڏائي سگجي ٿي بئريسٽر مرتضي وهاب وفاقي حڪومت پاران ڪرونا کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت لاءِ امداد جو ذڪر ڪندي چيو ته توهان جي حڪومت نا مڪمل ڪٽس سنڌ حڪومت کي اماڻي پنهنجي اهليت ثابت ڪري ڇڏي آهي ته وفاقي سنڌ حڪومت  سنڌ جي عوام سان ڪيتري مخلص آهي توهان جي حڪومت جا ڏيڍ سال بيشمار ڪارڻ ڪارنامن سان ڀريا پيا آهن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته الزام تراشي، بهتان بازي ڪندڙن کي سموري قوم ڄاڻي ورتو آهي اٽو ۽ کنڊ چور ڪو ٻيو نه توهان جا پنهنجا آهن قوم کنڊ جي چورن ۽ ان جي سهولتڪارن کي وائکو ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي ان تي به ڏيان ڏيو بهتان بازي ڪري کند جي چورن کي نٿو بچائي سگهجي صوبائي صلاحڪار چيو ته ڪرونا جهڙي خطرناڪ وبا ۾ به توهان جو سڌرڻ مشڪل آهي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي ننڍن تاجرن کي صوبائي حڪومت جي خلاف ڀڙڪائڻ ۽ ڪوڙي آڊيو ٽيپ جي سازش ڪندڙ جلد وائکا ۽ پڌرا ٿيندا.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *