اسلام آباد(بيورو) ڀارت ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط جو چوڻ آهي ته عالمي عدالت کان ڪلڀوشن ڪيس جي فيصلي تائين سزا تي عملدرآمد نه ٿيندو. ڀارت ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي دهشتگردي سميت مسئلن تي رابطي ۾ رهڻ گهرجي، پاڪستان جي لاءِ هاڻ دهشتگردي وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي، پاڪستان سمجهي ٿو ته ڳالين ۽ آڇ واريون شرطون گڏ نٿيون هلي سگهن، 40 سالن کان ڳالهيون نتيجي واريون ناهن ٿي سگهيون جڏهن ته ڀارتي حڪومت طرفان ڳالهين واري عمل جي آغاز جي به ڪا ڪوشش ناهي ٿي رهي، پاڪ ڀارت گڏيل ڳالهين جي آغاز بابت پرميد آهيون. هن ڪلڀوشن ياديو بابت وڌيڪ چيو ته هن وٽ سزا خلاف آرمي چيف ۽ صدر وٽ اپيل جو حق آهي ڪڏهن ته اپيل رد ٿيڻ کان پوءِ آرمي چيف يا صدر تي نظرثاني ڪري سگهن ٿا.