عالمي عدالت ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڦاهي خلاف منع نامو جاري ڪري ڇڏيو

May 19, 2017 at 6:25 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

هيگ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) انصاف جي عالمي عدالت ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڦاهي خلاف منع نامو جاري ڪندي کيس قونصلر رسائي ڏيڻ جي به هدايت ڪئي آهي. عالمي عدالت جي جج روني ابراهم ڪلڀوشن ياديو واري معاملي تي محفوط ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته ڀارت کين ڪيس جي ميرٽ تي مطمئن نه ڪري سگهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت مان ڪو به ويانا ڪنوينشن کان انڪار نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته قونصلر رسائي واري معاملي تي ٻنهي ملڪن ۾ اختلاف آهن. سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل ون تحت عالمي عدالت کي ٻڌڻيءَ جو اختيار آهي. جج روني ابراهم چيو ته  ڪلڀوشن ياديو وارو معاملو عالمي عدالت جي اختيارن جي دائري ۾ اچي ٿو. هن چيو ته عدالت ۾ ثابت ٿيو ته ڪلڀوشن واري معاملي تي پاڪستان ۽ ڀارت جو موقف الڳ الڳ آهي. سندس چوڻ هو ته  ڀارت کين ڪيس جي ميرٽ تي مطمئن نه ڪري سگهيو آهي. عدالت عدالت جي جج روني ابراهيم فصلي ۾ چيو ته هو ٻنهي ملڪن ۾ ڪلڀوشن ياديو جي تڪرار کي ويانا ڪنوينشن تحت سمجهن ٿا. هن چيو ته کين اميد آهي ته ڪيس جو مڪمل فيصلو اچڻ تائين ڪلڀوشن ياديو کي ڦاهي نه ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته ڪيس جي آخري فيصلي تائين ڪلڀوشن ياديو کي ڦاهي نه ڏني وڃي جڏهن ته کيس قونصلر تائين پهچي ڏني وڃي.

اي پيپر