عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي ڪامياب پاليسين جو ثبوت آهي: وزير اعظم

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته عالمي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ڏيکاري رهيا آهن. وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ سي پيڪ جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزير اعظم نواز شريف چيو ته سي پيڪ منصوبو علائقائي رابطن ۽ ترقي جي لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ سيڙپڪارن جي دلچسپي اسان جي ڪامياب اقتصادي پاليسي جو ثبوت آهي. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وزير احسن اقبال وزير اعظم کي بيجنگ ۾ گڏيل سهڪار ڪميٽي جي ڪارروائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته ٽي سئو ميگا وات بجلي جي منصوبي جو معاهدو ٿي ويو آهي، چين سي پيڪ جي لاءِ سنڌو درياهه تي پن بجلي منصوبي جو جائزو وٺڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Scroll to Top