عالمي برادري ڪشميري ٻارڙن کي خوراڪ، دوائون ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي: اسد قيصر

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو اهي ته عالمي برادري ڪشميري ٻارڙن کي کاڌي پيتي جون شيون دوائون ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي ڪشميري ٻارڙن کي اسڪول وڃڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پنهنجي مظلوم ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺي آهي ۽ انهن کي ڀاڪيلو نه ڇڏيندي آزادي حاصل ڪرڻ تائين دنيا جي هر فورم تي ڪشميري عوام جي سفارتي اخلاقي حمايت جاري رهندي جمعي تي قومي اسيمبلي اسپيڪر 27 سيپٽمبر تي ملهايل ڪشمير هٿان ٻڌي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪسمير ۾ 5 آگسٽ کان لڳل ڪرفيو علائقي ۾ زندگي جو ڪار وهنوار بند ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته 54 ڏينهن کان والاريل ڪشمير نه کاڌي پيتي جون شيون ۽ نه ئي دوائون آهن ۽ نه ئي ٻارڙن کي اسڪول وڃڻ جي اجازت آهي هن چيو ته والاريل واڌي ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي لکين بارڙن کان انهن جا پيءُ ماءُ کسي ورتا آهن هن چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ غيرآئيني قدمن کان پوءِ ڀارتي فوج والاريل واڌي ۾ ظلم جي حد ڪري ڇڏي آهي هن چيو ته ڪشميري قيادت سميت هزارين ماڻهن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشمير ۾ ظلم جي ڪاري رات ختم ٿيندي ۽ ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *