عالمي برادري ڪشميري عوام جي بنيادي انساني حقن ۽ آزادي کي يقيني بنائي: وزيراعظم

مظفر آباد(۾ ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجو ايمان آهي ته مودي جي هاڻوڪن قدمن سان ڪشمير آزاد ٿي ويندو ۽ مودي 5 آگسٽ تي هڪ وڏي غلطي ڪئي آهي جنهن کان هاڻ پوئتي نه هٽي سگهندو.آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته صرف اقتدار خاطر جمهوريت پسند ناهيان پر جمهوريت پسند ماڻهو آهيان، ملڪ ۾ جيتري جمهوريت مضبوط ٿيندي ملڪ ايترو ترقي به ڪندو. اولهه ترقي ان ڪري ڪئي جو انهن وٽ جمهوريت آئي ۽ اسان وٽ بادشاهت آئي، خوشحال ملڪن ۾ ڪلين حڪومت آهي، اتي ڪرپشن ناهي. وزيراعظم ڪشمير جي بيان جي ردعمل ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجي ڪنهن سان ذاتي ويڙهه ناهي پر گهر ۾ چوري ڪندڙن سان دوستي نٿو رکي سگهان، جن ملڪ کي لٽيو، انهن سان مفاهمت جو مونکي نه چيو وڃي. آمريڪا ۾ ڪرپشن ڪندڙن کي 30-30 سال جيل ۾ واڙيو ويو، چين ۾ به ڪرپٽ عناصرن کي جيل موڪليو ويو.وزيراعظم چيو ته ڪشميرين کي چوان ٿو ته مايوس نه ٿيو، مودي جي عملن جي نتيجي ۾ منهنجو ايمان آهي ته ڪشمير هاڻ آزاد ٿيندو، مودي 5 آگسٽ تي وڏي غلطي ڪئي جنهن کان هو هاڻ پوئتي نٿو ٿي سگهي، مودي اليڪشن ۾ پاڪستان مخالف جذبن کي اڀاريو ۽ آر ايس ايس جو فلسفو دنيا اڳيان آندو. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مودي بدحواسي ۾ چيو هو ته آئون يارنهن ڏينهن ۾ پاڪستان کي فتح ڪري سگهان ٿو توڙي جو ٻئي ملڪ ايٽمي هٿيار رکن ٿا ان ڪري ڪو نارمل ماڻهو اهڙي ڳالهه نٿو ڪري سگهي، مودي صرف پنهنجي هندو برادري کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ان جي آرمي چيف به اهڙو بيان ڏنو ته پارليامينٽ جي هڪ اشاري تي اسان ڪشمير کي فتح ڪري سگهون ٿا.ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪشميرين جي لاءِ پنهنجي حمايت کي ظاهر ڪرڻ آهي.وزيراعظم ڪشمير جي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪشميري عوام ڇهن مهينن کان لاڪ ڊائون جو شڪار آهن اتي مواصلاتي نظام جي بندش آهي. ڪشمير ۾ پابندين ڀارت جي جمهوريت ۽ انساني حقن جي لاءِ احترام کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عالمي برادري، انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي ميڊيا ڀارتي قدمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.وزيراعظم مطالبو ڪيو ته والاريل ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ ۽ بليڪ آئوٽ کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ ڀارت کي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائين کان روڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته غيرقانوني طور تي گرفتار سمورن ماڻهن کي آزاد ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارتي قابض فوج جي سزا ڏيڻ جي لاءِ ڊريڪونين قانون کي فوري طور تي رد ڪيو وڃي.هن چيو ته عالمي برادري ڪشميري جي بنيادي انساني حقن ۽ آزادي جي احترام کي يقيني بنائي. عمران خان چيو ته  ڀارتي تڪراري بيان بازي ۽ جارحانه قدم عالمي امن جي لاءِ سخت خطرو آهن جنهن کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.  وزيراعظم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ڪشميرين سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهندو.هن چيو ته ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. ڪشميرين کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حق ملڻ تائين انهن سان گڏ آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *