اسلام آباد(بيورو):وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گڏيل قومون، انساني حقن جون تنظيمون ۽ عالمي ميڊيا وٽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جا ثبوت موجود آهن.تشدد جو شڪار ماڻهن لاءِ حمايت جي عالمي ڏينهن تي وزيراعظم عمران خان پيغام ڏنو آهي ته هو عالمي ڪميونٽي کي چوي ٿو ته ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو حساب وٺن.وزيراعظم چيو ته والاريل ڪشمير جا ٻار ۽ عورتون سڀ ئي پيلٽ گن،جنسي تشدد، بجلي جي جهٽڪن ۽ تشدد کي منهن ڏئي رهيا آهن.هن جو چوڻ هو ته ڀارت جي انهن سمورن ظلمن جي حوالي سان گڏيل قومون، انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي ميڊيا وٽ ثبوت موجود آهن تنهن ڪري ظلم تي مسلسل خاموشي انساني حقن ۽ قانون جي خلاف آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان اسلامآباد ۾ مندر جي اڏاوت جي حوالي سان فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اقليتي برادري پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪري رهي آهي اهو ساراهه جوڳو آهي اقليتن جي حقن جو تحفظ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيحي آهي اسان سڀني پنهنجي صفحن ۾ اتحاد سان پاڪستان کي ترقي ڏيارڻي آهي