عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ڪشيمرين جي يوم حق خود اراديت جي موقعي تي ٽوئيٽر تي بيان ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته 5 جنوري 1949 تي گڏيل قومن ڄمون ڪشمير جي عوام جي حق اراديت جي ضمانت ڏني هئي، ڪشميرين کي خود اراديت جو حق گڏيل قومن جي منشور ۽ سلامتي ڪائونسل ڏنو، اسان ان ڏينهن گڏيل قومن ۽ رڪن ملڪن کي ڪشميرين سان ڪيل واعدو ياد ڏياريون ٿا.هن چيو ته ڪشيمري ڀارت جي ظالماڻي ۽ غير قانوني قبضي مان آزادي جي جدوجهد ڪري رهيا آهن، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺو آهي، ڀارتي قابض فوج ڪشميري مردن، عورتن ۽ ٻارن تي ظلم ڪري رهي آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *