عالمي امن لاءِ پاڪستان جو عزم پختو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستاني امن دستا دنيا ۾ انسانيت جي خدمت ڪري رهيا آهن، عالمي امن لاءِ پاڪستان جو عزم پختو آهي، تفصيل موجب گڏيل قومن جي امن مشنز لاءِ پاڪستان جي خدمتن جي شروعات 1960 ۾ ڪانگو کان ٿي، پاڪستان هن وقت تائين دنيا جي اٽڪل 28 ملڪن ۾ 2 لک کان وڌيڪ فوج سان گڏ 46 گڏيل مشن ۾ حصو وٺي چڪو آهي، گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ پاڪستان يو اين امن مشنز ۾ مستقل طور تي تعاون ڪندڙ ملڪن ۾ سڀ کان وڏو ۽ موثر ملڪ رهيو آهي، هن وقت پاڪستاني فوجي جٿا، ڪانگو، سينٽرل آفريڪن ريپبلڪ، ڏکڻ صوڊان، دار فور، صوماليا ۽ قبرس ۾ مقرر آهن، جڏهن ته پاڪستان يو اين امن مشنز ۾ پيس ڪيپرز عورتن کي موڪليندڙ واحد ملڪ آهي، هن وقت گڏيل قومن جي ڇٽي هيٺ 86 پاڪستاني پيس ڪيپرز عورتون ڪانگو ۽ سينٽرل آفريڪن ريپبلڪ ۾ خدمتون ادا ڪري رهيون آهن، مختلف خطن ۾ امن لاءِ هن وقت تائين 24 آفيسرن سميت 157 پاڪستاني جوان شهيد ٿي چڪا آهن، آرمي چيف، امن مشنز جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان پنهنجي بهادر امن جٿن جي قرباني جي جذبي کي ياد ڪري ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *