اسلام آباد: (بيورو) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي جي واپسي بابت بيان کي حقيقت جي ابتڙ پيش ڪيو ويو، هن بلڪل اهو بيان نه ڏنو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي واپس نه ٿي اچڻ چاهي، هن چيو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي کي آڻڻ لاءِ قدم جاري آهن، عافيا صديقي جي واپسي کي هر ڀيري واشنگٽن سان اٿاريو پيو وڃي.پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل هفتيوار بريفنگ ۾ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت جاري آهي، قابض ڀارتي فوج ٻن هٿين خالي ڪشميرين کي شهيد ڪيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ موبائل فون سروس به معطل ڪئي وئي آهي.ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته ياسين ملڪ جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا، ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته والاريل ڪشمير ۾ رياستي ظلم روڪيو وڃي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته سريلنڪا ۾ دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪريون ٿا.