لنڊن(م ڊ) وزير اعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ اسمٿ عاطف ميان کي اقتصادي مشاورتي ڪونسل مان ڪڍڻ واري فيصلي کي مايوس ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو. عاطف ميان کي اقتصادي مشاورتي ڪونسل جي رڪنيت تان هٽائڻ واري فيصلي تي جمائما گولڊ اسمٿ ٽوئيٽر تي رد عمل ڏيندي چيو ته هڪ ناليواري اقتصاديات جي ماهر کي عهدي تان هٽائڻ انتهائي مايوس ڪندر ۽ بچاءَ جوڳو ناهي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت نالي واري اقتصاديات جي ماهر جو نالو اقتصادي مشاورتي ڪونسل مان واپس وٺڻ جو فيصلو ان جي احمدي هجڻ جي ڪري ڪيو حالانڪ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح هڪ احمدي کي پرڏيهي وزير مقرر ڪيو هو