عاصما جهانگير جي لاڏاڻي تي سياسي شخصيتن طرفان افسوس جو اظهار

ڪراچي (م ڊ) ناليواري قانونداد عاصما جهانگير جي لاڏاڻي تي ملڪي سياسي شخصيتن ڏُک جو اظهار ڪيو آهي. صدر ممنون حسين افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عاصما جهانگير قانون جي بالادستي ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ نه وسرڻ جوڳو ڪردار ادا ڪيو، کيس سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به عاصما جهانگير جي لاڏاڻي تي ڏُک جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ ملڪ هڪ بهادر ۽ اصول پسند شخصيت کان محروم ٿي ويو، مظلومن جو آواز اڄ خاموش ٿي ويو. هوڏانهن چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار به عاصما جهانگير جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ تعزيت ڪندي سندس خدمتن کي خراج پيش ڪيو، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته پٺ تي پيل طبقن جي حقن لاءِ عاصما جهانگير جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. ٻئي پاسي اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ صدر نواز شريف به عاصما جهانگير جي لاڏاڻي تي ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، تعزيتي پيغام ۾ سندس چوڻ هو ته جمهوريت، قانون ۽ انصاف، انساني حقن ۽ عورتن لاءِ مرحوما جون ڪيل خدمتون ڪڏهن نه وسرنديون. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، عاصما جهانگير جي لاڏاڻي کي وڏو ڌڪ قرار ڏيندي چيو ته هن جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ بهادري سان جدوجهد ڪئي، عاصما جهانگير رڳو عورت نه پر انساني حقن لاءِ اثرائتو آواز هئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته عاصما جهانگير جي انساني حقن لاءِ ڪيل جدوجهد وسارڻ جوڳي ناهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *