اسلام آباد (بيورو): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته عابد شير علي جو رويو ۽ مسلم ليگ ن جي پاليسي غير سياسي آهي، هن چيو ته هميشه سسٽم کي بهتر بڻائڻ لاءِ فرينڊلي اپوزيشن جا طعنا ٻڌا آهن، حڪومت جو رويو سنجيده ناهي، جاچ رپورٽ اچي وئي آهي ته پيش ڪئي وڃي، رپورٽ پيش ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي.