اسلام آباد( بيورو) تحريڪ انصاف جي باغي ايم اين اي عائشه گلالئي بينظير ڀٽو جي قتل بابت اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي بيان جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشه گلالئي چيو ته پرويز مشرف بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ مظلوم آهي، کيس ڦاسايو پيو وڃي. هن چيو ته هوءَ شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي پيروي ڪندي، ڪيس ٻيهر هلائي پرويز مشرف جو بيان قلمبند ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته مان بينظير کي ماءُ چئي سڏيندي هيس، هن مون کي ڌيءُ ڪوٺيو هو، عائشه گلالئي چيو ته بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ مان پارٽي ڇڏي ڏني هئي پر هاڻي قوم کي خبر پوڻ گهرجي ته آخرڪار عظيم ليڊر جو قاتل ڪير آهي؟ بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ جيڪو صدمو سندس ٻارڙن کي پهتو اهو ئي مون کي به پهتو. هن چيو ته بينظير ڀٽو جي قتل جو فائدو ڪنهن کي پهتو، پرويز مشرف جيڪو بيان ڏنو تنهن ۾ سچائي آهي جنهن جو استحصال ٿيندو تنهن جو ساٿ ڏينديس. سندس چوڻ هو ته عمران خان پنهنجي نظريي تان هٽي چڪو آهي، عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن مان ڀڳل آهي.