ظفر مرزا جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه آهيون، اڄ کيس هٽائڻ جو حڪم ڏينداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪورونا وائرس بابت حڪومتي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اوهان ته مشيرن ۽ صلاحڪارن جي فوج ڀرتي ڪئي آهي پر ڪم ڪجهه به ناهي ڪيو، مبينا ڪرپٽ ماڻهن کي مشير بڻائي ڇڏيو آهي، اوهان ته مشيرن ۽ صلاحڪارن کي وفاقي وزيرن جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد طرفان ڪورونا وائرس جي حوالي سان ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي چيف جسٽس گلزار احمد وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان هن وقت تائين ڪجهه به ناهي ڪيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته، اوهان وٽ ته وزيرن ۽ مشيرن جي فوج آهي پر اوهان ڪجهه به ناهي ڪيو، اوهان مبينا طور تي ڪرپٽ ماڻهن کي مشير بڻايو آهي. جنهن تي اٽارني جنرل چيف جسٽس پاڪستان کي استدعا ڪندي چيو ته سائين اوهان ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته مان ته مبينا طور تي انهن کي ڪرپٽ چيو آهي. چيف جسٽس پڇا ڪئي ته، هن وقت ظفر مرزا ڇا آهي؟ سندس هن وقت ڪهڙي صلاحيت آهي، اوهان ته مشيرن کي وفاقي وزير جو درجو ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڄي دنيا ۾ پارليامينٽ ڪم ڪري رهي آهي، اسان حڪم ڏنو هو ته پارليامينٽ قانون سازي ڪري. واضح رهي ته پاڻمرادي نوٽيس ۾ وفاقي حڪومت، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جواب جمع ڪرائي ورتو آهي، جڏهن ته، ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ هڪ ڏينهن اڳ لڳايل انٽري اسپري گيٽ به خراب ٿي ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *