سلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار چيو آهي ته طاهر لمبا ۽ جنيد ڀارت مان تربيت يافتا نه هجن ته مون کي گولي هنئي وڃي، جاچ آفيسر بدلجڻ جي ڪري طاهر لمبا آزاد ٿيو، خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي رائو انور جو چوڻ هو ته اڄ به منهنجو موقف آهي ته آزاد ادارو بڻائي جاچ ڪرائي وڃي، موبائيلون ڦريندي واردات واري هنڌ تان گرفتار ٿيل جوابدار ضمانت تي آزاد ٿي ٿا وڃن، مون عدالت ۾ ثابت ڪيان ها پر مون کي عهدي تان هٽايو ويو، خواجا اظهار الحسن کي ضمانت تي ان جي ڪري ڇڏيو ويو جو هن خلاف شاهديون ناڪافي هيون، ناڪافي شاهدين سان اهو ثابت نه ٿو ٿئي ته هن اهو ڪم ناهي ڪيو، جڏهن توهان پوليس کي تائيم ئي نه ڏيندؤ ته شاهديون گڏ ڪيئن ٿينديون، مان مطمئن آهيان، مون ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو.