طاهر القادري ماڊل ٽائون سانحي جي جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو  

لاهور( م ڊ ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري ماڊل ٽائون سانحي جي جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو انصاف ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طاهر القادري چيو ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف تاريخ جو بدترين قتل عام ڪرايو. هن چيو ته شهباز شريف چيو هو ته جيڪڏهن کيس ذميوار قرار ڏنو ويو ته  هو عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. سندس چوڻ هو ته پاناما ليڪس جي فيصلي کانپوءِ نواز شريف عدليه تي حملا ڪيا، جڏهن ته وزير ملڪ دشمنن جي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن. طاهر القادري چيو ته بيانن کانپوءِ خبر پئجي وئي آهي ته شريف خاندان ۽ وزيرن جي ملڪ سان وفاداري ڪهڙي آهي؟ هن چيو ته ماڊل ٽائون ۾ رڳو 14 نه پر 27 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو، ٻين ماڻهن تي دٻاءُ وجهي لاش سندن حوالي ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته ٽن سالن دوران انصاف ۾ دير باوجود عدليه خلاف ڪابه بدگماني پيدا نه ڪئي وئي. طاهر القادري چيو ته نواز شريف جي اڃا رڳو نااهلي ٿي ته ملڪيت ضبط اڃا ٿيڻي آهي. طاهر القادري چيو ته اسان هميشه عداليه کان انصاف گهريو آهي، هميشه صبر جو مظاهرو ڪيو، انصاف ۽ قانون جي ادارن خلاف آڱر نه کنئي. هن چيو ته تاريخ ثابت ڪيو ته شريف خاندان خلاف سندن خلاف واويلا غلطي هئي، قانون طرفان کين ٿڌي هوا جو جهوٽو مليو آهي. طاهر القادري چيو ته ماڊل ٽائون سانحي جي متاثر بيواهن ۽ يتيمن کي انصاف جو آسرو مليو آهي. هن چيو ته ميڊيا طرفان سانحي بابت حقيقت ڏيکارڻ تي هو ٿورائتو آهي. سندس چوڻ هو ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ ملوث سمورن جوابدارن جانالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن. طاهر القادري چيو ته انسانيت جو قتل عام ڪري رپورٽ کي دٻائي رکيو ويو ڇا اهو انصاف جو نظام آهي. هن چيو ته رپورٽ منظر تي نه آندي وئي ته توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *