طاهرالقادري اين اي 120 جي ننڍين چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو): پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري اين اي 120 جي ننڍين چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، طاهرالقادري جو چوڻ هو ته اين اي 120 ۾ جيڪي ووٽ وجهندا، انهن ماڊل ٽئاون ۾ قتل عام ڏٺو، هن چيو ته ن ليگ اميدوار انسانيت جا قاتل آهن، اين اي 120 ۾ ماڻهن کي ڏسڻو آهي انسانيت سان گڏ آهن يا انسانيت جي قاتل سان گڏ آهن، طاهرالقادري چيو ته ماڻهن کي سوچڻو آهي ته اهي انسانيت جي قاتلن کي ووٽ ڏيڻ وڃي رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *