طالبان قيدين جي آزادي وارو فيصلو آمريڪا کي نه پر افغان حڪومت کي ڪرڻو آهي: اشرف غني

ڪابل(م ڊ)افغان صدر اشرف غني چيو آهي ته امن معاهدي جي تحت 5 هزار گرفتار طالبان قيدين جي آزادي جو استحقاق آمريڪا جو نه پر ڪابل حڪومت جو آهي ۽ ٻئي مرحلي ۾ ٿيندڙ انٽرا افغان ڳالهين ۾ طئي ڪيو ويندو.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب افغان صدر اشرف غني صحافين سان ڳالهين دوران دوحه ۾ آمريڪا ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ امن معاهدي جي هڪ اهم شق تي اعتراض اٿاريندي چيو آهي ته طالبان قيدين جي آزادي آمريڪا جو استحقاق ناهي. ڪابل حڪومت جي قيد ۾ گرفتار 5 هزار کان وڌيڪ طالبان اڳواڻن ۽ ويڙهاڪن جي آزادي جو فيصلو افغان حڪومت کي ڪرڻو آهي.افغان صدر وڌيڪ چيو ته طالبان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سڌو سنئون ڳالهين جو طالبان کي آزادي سان مشروط نٿو ڪري سگهي پر  هن ڊيل ۾ طالبان وٽ گرفتار هڪ هزار افغان سرڪاري اهلڪارن کي آزاد ڪرڻ جي بدلي افغان جيلن ۾ قيد پنج هزار طالبان کي آزاد ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون آهن ۽ هي معاملو انٽرا افغان ڳالهين ۾ رکي سگهجي ٿو. گڏيل مشاورت سان حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *