اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته چاهيون ٿا ته ڀارت والاريل علائقي ۾ لاڳو ڪيل ڪارو قانون ختم ڪري، طاقت جي استعمال سان ڪشمير مسئلو ڪڏهن به حل نه ٿيندو جڏهن ته ناروي جي اڳوڻي وزير اعظم چيو ته عالمي برادري کي ڪشمير ڪسئلي کي ترجيحي ايجنڊا تي وٺڻ گهرجي. تفصيل موجب ناروي جي اڳوڻي وزير اعظم مانگني بونڊويڪ جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ٿي، ملاقات ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي برادري والاريل ڪشمير جي صورتحال تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي مصيبتن ۽ ڏکيائين ۾ گهٽتائي آڻي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ حو ته والاريل ڪشمير جي تڪرار کي فوري طور تي حل ڪرڻ گهرجي، چاهيون ٿا ته ڀارت والاريل علائقي ۾ لاڳو ڪيل قانون رد ڪري، ڪشميرين جي حق خوداراديت جو احترام ڪيو وڃي.