ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): اطلاعات، پورهئي کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته طاقت جو استعمال ۽ ڌمڪيون ڀٽوز جي حوصلن کي پست نه ڪري سگهنديون ڇو ته ڀٽو آمرن جو هميشه سينو تاڻي مقابلو ڪيو آهي ۽ جمهوريت لاءِ هميشه قربانيون ڏنيون آهن اها ڳالهه هن اڄ هڪ پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي ڪئي هن چيو ته اڳوڻي صدر پاڪستان ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئر مين آصف علي زرداري کي ان جي انتهائي طبيعت خراب هجڻ باوجود جيل موڪليو ويو فريال ٽالپر کي به اسپتال کان جيل موڪليو ويو عيدالضحيٰ جي موقعي تي اسپتال کان جيل موڪلڻ انتهائي خراب سلوڪ ڪيو ويو سنڌ اسيمبلي جي پروڊڪشن آڊر کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو صوبائي وزير چيو ته قانون ۽ ضابطي جي کلي خلاف ورزي آهي هن چيو ته اڄ تائين آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر تي لڳايل الزام ثابت ناهن ٿيا سعيد غني چيو ته اها انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي ته اڳوڻي صدر کي ان جي ڌي سان ملڻ نه ڏنو ويو جڏهن ته ٻين خطرناڪ قيدين جي مائٽرن کي قيدين سان ملڻ جي کلي اجازت آهي سعيد غني چيو ته عدالتن جي حڪمن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو جنهن ۾ واضح طور چيو ويو ته اڳوڻو صدر اهي سهولتون پنهنجي خرچن تي حاصل ڪري سگهي ٿو سعيد غني چيو ته آمراڻي دور ۾ به عورتن سان اهڙو ظم وارو رويو نه ڪيو ويو هن چيو ته ڪيس به ٻئي صوبي ۾ هلايو پيو وڃي جتي ريفرنس به دائر نه ڪيو ويو صوبائي وزير چيو ته اگر ڪيس هلائڻ جو اهو معيار آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا ڪيس سنڌ ۾ ٻڌا وڃن سعيد غني سوال ڪيو ته پي ٽي آئي جا ليڊر پرويز خٽڪ، خسرو بختيار، محمود خان ۽ اسد قيصر کي ڇو گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي هن چيو ته عليمه خان تي غير قانوني اثاثه جات رکڻ جو الزام ثابت ٿي ويو ۽ فريال ٽالپر تي ڪو الزام ثابت ناهي ٿيو سعيد غني چيو ته هاڻوڪي حڪومت ۾ صرف الزام ۽ نوٽس جي بنياد تي گرفتاريون عمل هيٺ اچڻ ٿيون هن چيو ته پيپلزپارٽي جي ليڊر سيد خورشيد شاهه کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪوڙو ريفرنس تيار ڪيو پيو وڃي سعيد غني چيو ته نيازي حڪومت جون نا انصافيون ۽ گرفتاريون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف آواز اٿارڻ ۾ رڪاوٽ وجهي رهيون آهن اسان جي قياست سياسي دٻاءُ ۾ اچي پنهنجو موقف تبديل نه ڪندي سعيد غني چيو ته سياسي الزام لڳائڻ وارا منهن جي کائيندا وفاقي سرڪار ميڊيا جي آواز کي دٻائي رهي آهي سعيد غني چيو ته جڏهن گورنر ناهي هوندو ته آئيني طور سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر قائم مقام گورنر ٿيندو آهي سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽي کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي ڪراچي جتي وفاق آئيني تقاضا پورا نه ڪندو ته اسان ان جي نشاندهي ڪنداسين سعيد غني وڌيڪ چيو ته علي زيدي واري ڪراچي ڪلين مهم شهر کي گندو ڪرڻ واري مهم هئي.ش