اسلام آباد (بيورو)اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ ضياءُ الله آفريدي خلاف فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 8 فيبروري تي ٻُڌايو ويندو. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حيات جي سربراهي ۾ ضياءُ الله آفريدي خلاف عمران خان جي ريفرنس جي ٻُڌڻي ٿي، ٻُڌڻي دوران ضياءُ الله آفريدي جو وڪيل سردار لطيف کوسه ۽ پي ٽي آءِ جو وڪيل اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا. ٻُڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪميشن ڪمشنر عمران خان جي وڪيل کان پُڇاڻو ڪيو ته ڪنهن کي پارٽي مان ڪڍڻ جو ڪهڙو قانون آهي؟، تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو ته ضياءُ الله آفريدي کي پارٽي مان ڪڍيو نه پر ٻي پارٽي ۾ شموليت تي شوڪاز جاري ڪيو آهي. چيف اليڪشن ڪميشن چيو ته چونڊيل ميمبر کي پارٽي مان ڪڍيو وڃي ته هو ڇا ڪر يسگھي ٿو؟، جنهن تي وڪيل چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ميمبر کي پارٽي مان ڪڍيو وڃي ته کيس ڊي سيٽ نٿو ڪري سگھجي، پر ضياءُ الله آفريدي سوشل ميڊيا تي پ پ شموليت جي پوسٽ لڳائي، باغي اڳواڻ سوشل ميڊيا اڪائونٽ سان هينئر تائين لاتعلقي ظاهر نه ڪئي آهي. چيف اليڪشن ڪميشنر پُڇاڻو ڪيو ته ڪنهن کي پارٽي مان ڪڍيو وڃي ته ۽ هو استعيفيٰ نه ڏئي ته قانون ڇا ٿو چئي؟ عمران خان جي وڪيل چيو ته استيعفيٰ نه ڏيڻ واري کي پارٽي ڊسپلن جي پيروي ڪرڻي پوندي، ان تي سردار رضا حيات چيو ته جيڪڏهن پارٽي مان نڪري وڃي ته هو ڇو پارٽي ڊسپلن فالو ڪري، ڇا ڪنهن به ميمبر کي توهان پارٽي مان ڪڍي سگھو ٿا؟ ڪنهن ميمبر کي پارٽي مان ڪڍڻ تي توهان جو پارٽي آئون ڇا چئي ٿو؟. هن پُڇاڻو ڪيو ته ڪنهن به ميمبر کي پارٽي مان ڪڍڻ جو قانوني جواز ڇا آهي؟، ميمبر چئي سگھي ٿو ته پارليماني پارٽي جو ميمبر آهيان توهان ڇو ڪڍي رهيا آهيو. چيف اليڪشن ڪمشنر ضياءُ الله آفريدي جي وڪيل سردار لطيف کوسه کان پُڇاڻو ڪيو ته توهان جي پارٽي جو چونڊيل شخص ٻئي پارٽي جي سربراهه سان گڏ ويٺو هجي ته توهان ڇا ڪندا؟. ان تي لطيف کوسه چيو ته آصف زرداري سان هٿ ملائڻ جو اهو مطلب ناهي ته ضياءُ الله آفريدي پارٽي ۾ شامل ٿي ويو، ڪنهن پارٽي جي سربراهه سان ملڻ ڪو ڏوهه ناهي، لطيف کوسه چيو ته جيڪڏهن ڪو ميمبر استعيفيٰ ڏيندوآهي ته تصديق لاءِ اسپيڪر جي سامهون پيش ٿيندو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر لطيف کوسه کان پُڇاڻو ڪيو ته پارٽي مان ڪڍڻ تي توهان جو ڇا موقف آهي، ان تي لطيف کوسه چيو ته تحريڪ انصاف ضياءُ الله آفريدي کي 2015ع ۾ ڪڍيو هو، ضياءُ الله آفريدي کي ڪي پي جي وڏي وزير سان اختلافن تي پارٽي مان ڪڍيو ويو هو، ڪميشن جي ميمبر ارشاد قيصر سوال ڪيو ته ڇا پارٽي خلاف ڳالهائڻ تي ضياءُ الله آفريدي کي ڪڍيو ويو؟ پارٽي مان ڪڍڻ لاءِ ڪو طريقي ڪار نه هوندو. لطيف کوسه چيو ته پي ٽي آءِ ۾ جهانگير ترين، عليم خان، پرويز خٽڪ جي مخالفت تي ڪڍيو ويندو آهي، تحريڪ انصاف عائشا گلالئي خلاف به ڪوڙي ريفرنس موڪلي هئي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پارٽي جي معاملن خلاف ڳالهائڻ ته جمهوريت جو حصو آهي، ضياءُ الله آفريدي جي وڪيل چيو ته پ پ ۾ اهڙا بي شمار مثال موجود آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر ڌرين جا دليل ٻُڌڻ بعد فيصلومحفوظ ڪري ورتو جيڪو 9 فيبروري تي ٻُڌايو ويندو.